پنگريو ۾ زرعي زمين جي پراڻي تڪرار تان جهيڙو، گوليون لڳڻ سبب هڪ ڄڻو مارجي ويو

پنگريو ڀرسان روپاڙو ۾ 150 ايڪڙ  زرعي زمين جي پراڻي تڪرار تان جھيڙو گوليون لڳڻ سبب ھڪ ڄڻو قتل. تفصيل موجب پنگريو ڀرسان ڳوٺ روپاڙو ۾ 150ايڪڙ زمين جي پراڻي تڪرار تان جوڻيجا ۽ آرائين برادري ۾ رات زمين جي پراڻي تڪرارتان جھيڙو ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ گوليون لڳڻ سبب ھڪ ڄڻو خالد چانڊيو مارجي ويو ۽ ھڪ ڄڻو جاويد جوڻيجو شديد زخمي ٿي پيو جنھن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾حيدرآباد ريفر ڪيو ويو آھي. پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش پوسٽ مارٽم لاءِ کڻائي ٽنڊو باگو روانو ڪري ڇڏيو  جتان پوسٽ مارٽم بعد لاش واثن حوالي ڪيو ويو. ٻئي پاسي ايس ايڇ او پنگريو ۽ صحافي سرزمين تي پھتا جتي نه گولين جا کول مليا نه رت جا نشان پوليس وڌيڪ جانچ ڪري رھي آھي  پنگريو پوليس آرائين برادري جي ذولفقار آرائين منور علي آرائين ياسين جوڻيجو .کي گرفتار ڪري ورتو وڌيڪ خونريزي کي روڪڻ لاء پوليس پڪٽ قائم ڪئي وئي آھي آخري اطلاعن تائين ڪو به ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آھي.