سکر(بيورو چيف) سکر جي مختلف ميڊيڪل اسٽورن تي غير معياري ۽ جعلي دوائن جو ڪاروبار جاري آهي، جڏهن ته صحت کاتي جاڊرگ انسپيڪٽر ۽ ٻيو عملو ڪرپشن جي بازار مان غائب آهن. ان خيالن جو اظهار سماجي شخصيت آصف علی کوسو صحافين سان ڳالهائيندي هن وڌيڪ ٻڌايو ته منهنجو ڇهه مهينن جو ٻار جعلي ۽ غير معياري دوائن جي استعمال کانپوءِ انتهائي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ پهچي ويو ان کان پوءِ هن دنيا رخصت ٿي ويو ڊاڪٽرن موجب ٻڌايو ته غير معياري دوائن جي جعلي هجڻ سبب ٻار جي حياتي خصي ورتي اهو مسئلو انتهائي سنگين آهي، ڇو ته جعلي دوائن جي وڪري عوام جي صحت ۽ حياتين لاءِ وڏو خطرو بڻجي ويو آهي. جيڪڏهن انتظاميا ۽ پوليس پاڻ اهڙن عنصرن جي پٺڀرائي ڪن ٿيون، ته اهو نه رڳو قانون جي کلي ڀڃڪڙي آهي پر عوام جي اعتماد کي به وڏو نقصان پهچائي ٿو. چيف جسٽس سنڌ، چيف سيڪريٽري سنڌ، ۽ ڪمشنر سکر کان اپيل آهي ته ان معاملي جو فوراً نوٽيس وٺن. صحت کاتي کي گهرجي ته معاملي جي مڪمل جاچ ڪري ۽ ذميوارن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪري. جعلي دوائن وڪڻندڙن ۽ انهن جي سهولتڪارن خلاف ترت ۽ اثرائتا قدم کنيا وڃن….
