پريالوء :خانگي اسڪول جي ڇھين ڪلاس جو شاگرد ابوبڪر پٽ عبدالفتاح چنو موڪل بعد سائيڪل تي واپس پنهنجي ڳوٺ وڃي رهيو هو ته اوڍا موڙ ڀرسان پريالوءِ ٿاڻي جي حد ۾ سائيڪل کي نامعلوم موٽر سائيڪل ٽڪر هنيو ۽ بعد ۾ موٽرسائيڪل سوار فرار ٿي ويو، ٽڪر جي نتيجي ۾ شاگرد جي ڄنگھ ڀڄي پئي ۽ سخت زخمي ٿي پيو جنهن کي زخمي حالت ۾ خيرپور اسپتال منتقل ڪيو ويو.