جي ايڇ ڪيو حملو ڪيس: اپوزيشن اڳواڻ عمر ايوب جي بريت واري درخواست رد

جي ايڇ ڪيو حملي ڪيس ۾ قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن اڳواڻ عمر ايوب جي درخواست رد ڪري ڇڏي آهي. دهشتگردي جي انت واري خصوصي عدالت جي جج امجد علي شاهه بريت جي درخواست تي محفوظ فيصلو ٻڌائي ڇڏيو. ٻڌڻي دوران اسپيشل پبلڪ پراسيڪيوٽر ظهير شاهه پنهنجي دليلن ۾ چيو ته ڪيس ۾ شيخ رشيد، شيرين مزاري، امجد نيازي، عمر تنوير بٽ وغيره جي درخواست رد ٿي چڪي آهي. عمر ايوب کي واثق قيوم عباسي ۽ عمر تنوير بٽ جي  اقبالي بيان تي نامزد ڪيو ويو، اقبالي بيان رڪارڊ ڪرڻ وارو مئجسٽريٽ جيستائين عدالت ۾ پيش نٿو ٿئي بريت جي درخواست منظور نٿي ڪري سگهجي. هن چيو ته دهشتگردي جي انت واري عدالت سرگوها مان جوابدارن جي بريت جي فيصلي کي چيلينج ڪيو ويو آهي، هاءِ ڪورٽ ۾ چيلينج ڪيل فيصلي جي ڪاپي عدالت ۾ داخل ڪرائي وئي آهي. دليل ٻڌڻ کان پوءِ عدالت اپوزيشن اڳواڻ عمر ايوب جي بريت واري درخواست رد ڪندي ريمارڪس ڏنا ته اڃان ڪيس شروعاتي مرحلي ۾ آهي، انهي لاءِ بريت جي درخواست وقت کان اڳ جي آهي، ٽرائل ۽ شهادتون پيش ٿيڻ کان پوءِ صورتحال سامهون ايندي، ڏٺو وڃي ته جي ايڇ ڪيو حملي ڪيس ۾ سنگين الزام آهن. ياد رهي ته پي ٽي آءِ اڳواڻ عمر ايوب جي وڪيل بابر اعواڻ بريت واري درخواست تي دليل ڏنا هئا.