ڪشمور ضلعي جي پوليس نينگر کي گيهلپور جي ڪچي واري علائقي مان بازياب ڪرائي ورتو گهر م نينگر جي بازيابي تي خوشي جهڙو ماحول بڻجي ويو

تفصيل موجب بخشاپور لڳ مياڻي ٿاڻي جي حد مان هڪ هفتو اڳ 7 سالن جو نينگر احمد علي پٽ خالد حسين ڀٽو کي نامعلوم هٿياربند اغوا ڪري ويا هئا ڪشمور ضلعي جي پوليس خوفيا اطلاع ملڻ تي گيهلپور جي ڪچي واري علائقي م آپريشن ڪري بازياب ڪرائي ورتو آهي رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او مياڻي هدايت الله ڀٽو ٻڌايو ته اسان کي خوفيا اطلاع مليو ته نينگر احمد علي پٽ خالد حسين ڀٽو کي ٻئي هنڌ منتقل ڪيو پيو وڃي خوفيا اطلاع تي گيهلپور ڪچي واري علائقي م سرچ آپريشن ڪيو پوليس ء هٿياربندن جي وچ م فائرنگ جو سلسلو پڻ جاري رهيو هٿياربند نينگر کي ڇڏي فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا ء نينگر باحفاظت بازياب ڪرائي ورتو آهي هن وڌيڪ چيو ته اغوا ۾ملوث جي خلاف آپريشن جاري آهي بازياب ٿيل نينگر جي گهر م خوشي وارو ماحول ڇانيل آهي