لاڙڪاڻو شھر جي رحمت پور ٿاڻي جي حد نظر محلا ريلوي ڦاٽڪ لڳ جيها برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻي تڪرار تان جھيڙو ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ گوليون لڳڻ سبب سيلون تي ويٺل 40 ورهين جو محمد حسن جيهو قتل ٿي ويو، ھٿيار بند فائرنگ ڪندا فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. رحمت پور پوليس موجب جيها برادري ۾ پوليس مقابلي دوران مارجي ويل ٻن ڄڻن جي معاملي تان تڪرار هلندڙ ھو جنھن جي پلاند ۾ ھٿيار بندن حملو ڪري حسن جيھو کي قتل ڪري فرار ٿي ويا وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي. ته مقتول جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو آهي اطلاع ملڻ تي وارثن ۾ڪهرام مچي ويو آهي، ٻڌايو پيو وڃي ته ٻنهي ڌرين ۾ ڪافي وقت کان تڪرار هلندڙ هو جنهن تان هڪ ڌر جي هٿياربندن فائرنگ ڪري محمد حسن جيهو کي قتل ڪري فرار ٿي ويا آهن.