راڻيپور: سنڌ جي اربيلي راڳي سرمد سنڌي جي 26هين ورسي راڻيپور ۾ سنڌي ادبي سنگت راڻيپور پاران عقيدت ۽ احترام سان ملهائي وئي ورسي جي موقعي تي شاعرن ۽ اديبن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ورسي تقريب کي الطاف عباسي نماڻو سرڪي مرحوم سرمد سنڌي کي لفظن جي ڀيٽا پيش ڪئي ان موقعي تي اديبن شاعرن ايڊوڪيٽ نورالله تنيو نماڻو سرڪي امداد لاڙڪ الطاف عباسي رمضان عباسي نماڻو سرڪي محمد پنجل ڳاهو واليڏنو صديقي ساجد مڱريو مشتاق صديقي انور عباسي ۽ ٻين چيو ته مرحوم سرمد سنڌي سنڌ جو سرمايو هو ان هميشا سنڌ امڙ جي شان ۾ گيت ڳائي ۽ سنڌ جي نوجوانن ۾ سنڌ سان پيار ڪرڻ جو جذبو پيدا ڪيو سرمد سنڌي ڀلوڙ راڳي هجڻ سان گڏ سٺو انسان پڻ هو 27 ڊسمبر اڄوڪي ڏينهن تي سنڌ جي امر راڳي سنڌ ۽ سيد جي يگاني عاشق قومي ڪلاڪار شھيد سرمد سنڌي هميشه لاءِ اسان کان وڇڙي ويو
