پريالوءِ : ڀرسان ٻنڊو فيض ناريجو واري علائقي جي ڳوٺ دلدار حسين ناريجو ۾ حافطن جي دستاربندي جي موقعي تي سني رابطه ڪائونسل جلسو ٿي گذريو جنھن ۾ سني رابطه ڪائونسل جي مرڪزي اڳواڻ شرڪت ڪئي جن ۾ علامه محمد احمد لڌيانوي، علامه تاج محمد حنفي، علامه ثناء اللہ حيدري، علامه عبدالجبار حيدري ،علامه علي شير رحماني، مولانا عبدالڪريم مري، مولانا الله نواز فاروقي، ۽ ٻين خطاب ڪيو جڏهن ته انهيءَ موقعي تي نعت خوانن ۾ وقار عمر دنگراج، حافظ عبدالڪريم ناريجو، شڪيل احمد ناريجو ۽ ٻين حمد باري تعلي ۽ نعتون چئي جلسي ۾ موجود عوام کان خوب داد حاصل ڪيو جڏهن ته اسٽيج سيڪريٽري جا فرائض مولانا زاهد حسين حقاني ادا ڪيا جڏهن ته جلسي جي آخر ۾ تمام مهمانن لاءِ خيرات في سبيل الله جو بندوبست ڪيو ويو هو