پريالوءِ ڀرسان فيض محمد ٻنڊو ۾ پوليس ۽ ڏوهارين وچ ۾ مقابلو، هڪ ڏوهاري مارجي ويو، پوليس اهلڪار زخمي

پريالوءِ ڀرسان فيض محمد ٻنڊو جي جمالي ڳوٺ ويجهو ڪچي واري علائقي ۾ پوليس ۽ ڏوهارين وچ ۾ فائرنگ جو مقابلو جاري آهي. ذريعن موجب، فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ ڏوهاري مارجي ويو آهي، جڏهن ته صورتحال تي ضابطو آڻڻ لاءِ وڏي پوليس نفري ڪچي طرف رواني ڪئي وئي آهي. مقابلي دوران هڪ پوليس اهلڪار صدام حسين سولنگي زخمي ٿي پيو، جنهن کي ترت طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته زخمي اهلڪار جي حالت خطري کان ٻاهر آهي. مارجي ويل ڏوهاري جي سڃاڻپ ڪرڻ لاءِ ڪوششون جاري آهن، جڏهن ته علائقي ۾ وڌيڪ پوليس عملدارن کي الرٽ رهڻ ۽ سيڪيورٽي کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.مقابلو اڃا جاري آهي.