خيبرپختونخواهه آل پارٽيز ڪانفرنس: امن امان جي صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار، حڪومتي آڊٽ جو مطالبو

پشاور ۾ منعقد ڪيل آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ سياسي قيادت امن وامان جي خوفناڪ حد تائين خراب ٿيندڙ صورتحال تي ڳڻتي جو اطهار ڪيو. صوبو هلندڙ سال، گذريل سال جي نسبت وڌيڪ رتوڇاڻ جو شڪار رهيو. جاري ڪيل پڌرائي موجب گذريل مهيني 70 کان وڌيڪ سيڪيورٽي اهلڪارن جون شهادتون  ٿيون. ڪرم ۾  فسادن دوران 200 کان وڌيڪ حياتيون ضايع ٿيون. پڌرائي موجب مرڪزي ۽ صوبائي حڪومت امن جي قيام ۾ ناڪام نظر اچي رهيون آهن. ڪي پي ڪي جي مالي ۽ سياسي مفادن لاءِ سياسي ۽ ٽيڪنيڪل ڪميٽي جي قيام جو فيصلو ڪيو ويو آهي. پڌرائي موجب اين ايف سي ايوارڊ تقريبن ٻن اڍائي سالن کان غير موثر ٿي چڪو آهي، فوري طور تي يارهون اين ايف سي ايوارڊ جاري ڪيو وڃي. اين ايف سي ۾ اڳوڻي فاٽا لاءِ مقرر ڪيل 3 سيڪڙو رقم 5 سال گذرڻ باوجود رليز ناهي ڪئي وئي. ضم ٿيلن ضلعن لاءِ رکيل 3 سيڪڙو واجب الادا رقم جاري ڪئي وڃي. سرتاج عزيز ڪميٽي جي سفارشن تي عمل ڪيو وڃي.  نئون اين ايف سي ايوارڊ آدمشماري موجب ڪيو وڃي. اين ايف سي ايوارڊ فارمولا ۾  ٻيلي ۽ ماحوليات کي شامل ڪيو وڃي. پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته مائنز اينڊ منرلز صوبن جي عوام جي ملڪيت ۽ نسلن جي امانت آهي. مائنز ۽ منرلز جي ليز جا تفصيل عوام جي سامهون آندا وڃن. پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته پاڪ افغان بارڊر جي سمورن تاريخي واپاري رستن کي فوري طور تي کوليو وڃي. وفاق آئين جي آرٽيڪل 158 موجب صوبي کي اوليت جي بنيادن تي گيس فراهم ڪري. پڌرائي موجب آرٽيڪل 161 موجب اين ايڇ پي ۽ فيڊرل ايڪسائيز ڊيوٽي تيل(آئل) صوبي کي ادا ڪري. گڏيل مفادن واري ڪونسل جو اجلاس آئيني مدي موجب باقاعدگي سان گهرايو وڃي. پڌرائي موجب صوبائي حڪومت پي ايف سي جي جوڙجڪ ڪري باقاعدگي سان ايوارڊ ڪري. موثر بلدياتي نظام ۽ نمائندن کي بنا ڪنهن تفريق جي فنڊ جاري ڪيا وڃن. صوبائي حڪومت آءِ ڊي سي 2 سيڪڙو لاڳو ڪيو جيڪو واپار کي متاثر ڪري رهيو آهي انهي کي واپس ورتو وڃي. پڌرائي موجب آبي وسيلن ۾ صوبي جو حصو 1991  ڊبليو اي اي موجب ڏنو وڃي. ضلعن ۾ آپريشنز سبب بي گهر ماڻهن کي  واعدن موجب واپس اماڻيو وڃي. خيبرپختونخواهه حڪومت جي ڪارڪردگي جو آڊٽ ڪيو وڃي.