ٽنڊومستي ڀرسان ڪوٽڏجي لنڪ روڊ تي تيز رفتار ٽريڪٽر ٽرالي ۽ موٽر سائيڪل ۾ آمھون سامهون ٽڪر ٿيڻ سبب موٽر سائيڪل سوار ٽي ڄڻا ٿڏي تي فوت ٿي ويا. حادثو آء آر سي اسڪول ٽنڊومستي ويجهو پيش آيو. فوتين جا لاش پوليس تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال خيرپور منتقل ڪيا ويا، جتي آخري اطلاعن تائين سندن سڃاڻپ نه ٿي سگهي هئي. ٽريڪٽر ڊرائيور موقعي تان فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، جڏهن ته ٽريڪٽر ٽرالي کي ٽنڊومستي پوليس تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي.