خيرپور پوليس جو ڪچي ۾ ڏوهن جي خاتمي لاءِ اهم ڪارروائي، 50 لک انعام يافته ۽ دهشت جي علامت بدنام ڏوهاري سائين ڏنو ناريجو مقابلي ۾ مارجي ويو،

خيرپور جي فيض محمد ٻنڊو ٿاڻي جي حد ۾ ايس ايس پي خيرپور جي اڳواڻي ۾ ڳجها اطلاع ملڻ بعد آپريشن ڪيو ويو. پوليس جي بھاري نفري ۽ ھيوي مشينري سان گڏ ڪچي ۾ ڏوهارين جي خلاف ڪارروائي ڪئي وئي، جتي وقفي وقفي سان فائرنگ جو سلسلو جاري رهيو. بدنام ڏوهاري جي خاتمي جا تفصيل:مقابلي ۾ 50 لک انعام يافته ڏوهاري سائين ڏنو ناريجو مارجي ويو، جيڪو ڌاڙا، اغوا، قتل، دهشتگردي ۽ ٻين خطرناڪ ڏوهن ۾ ملوث هو. ڪيترائي زخمي ڏوهاري پنهنجن ساٿين سان گڏ ڪچي ڏانهن فرار ٿي ويا. پوليس جو تعاقب ۽ محاصرو جاري آهي.زخمي پوليس اهلڪار جو علاج:مقابلي دوران هڪ پوليس اهلڪار زخمي ٿي پيو، جنهن کي فوري طور تي فرسٽ ايڊ ڏئي ڪراچي منتقل ڪيو ويو. ايس ايس پي خيرپور جو موقف: ايس ايس پي خيرپور چيو ته علائقي مان ڏوهارين جو صفايو ڪرڻ ضروري آهي ته جيئن امن بحال ٿي سگهي. ڏوهارين کي ڪنهن به صورت ۾ بخش نه ڪيو ويندو، ۽ سندن خلاف ڪارروائي جاري رهندي. امن جي بحالي لاءِ خيرپور پوليس هر ممڪن قدم کڻندي.