ڪراچي: سنڌ جي گهرو کاتي آءِ جي پوليس ۽ ڊي جي رينجرز کي آگاهه ڪيو آهي ته 3 پابندي مڙهيل تنظيمون صوبي جي 3 وڏن شهرن ڪراچي، حيدرآباد ۽ سکر ۾ وڏي دهشتگرد ڪاررواين جو منصوبو جوڙي ڇڏيو آهي،ان حوالي سان لاڳاپيل ۽ مذڪوره اختيارين کي خط جاري ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته 3 بندش پيل تنظيمن جنهن ۾ بلوچستان ريوليوشن آرمي(بي آر اي) بلوچ را جي اجائي سنگر(براس) ۽ سنڌ ريوليشن آرمي(ايس آر اي) شامل آهن انهن سنڌ جي ٽنهي وڏن شهرن ۾ دهشتگرد حملن جي رٿا بندي ڪئي آهي، ان مقصد جي لاءِ مذڪوره تنظيمن دهشتگردن کي هٿيار ۽ ڌماڪيدار مواد به ورهائي ڇڏيو آهي
خط ۾ چيو ويو آهي ته برهمداغ بگٽي جو سالو شجاع بگٽي ڪراچي جي ضلعي جنوبي ۾ رهائش پذير آهي ۽ ڪراچي يونيورسٽي ۾ تعليم حاصل ڪري رهيو آهي. هو انٽيليجنس ڪمانڊر جي طور تي پنهنجي تنظيم کي ٽيڪنيڪي ڄاڻ ڏيندو آهي، هو ڪراچي يونيورسٽي جي شاگردن کي پنهنجي پابندي مڙهيل تنظيم ۾ شامل ۽ سکر ۾ دهشتگرد ڪاررواين جو منصوبو تيار ڪيو آهي جنهن جي لاءِ هن پنهنجا حدف به مقرر ڪري ڇڏيا آهن،صوبائي گهرو کاتي پاران سمورن قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي دهشتگردي کان بچاءُ ۽ حملا ناڪام بنائڻ لاءِ پاڻ ۾ مضبوط تعاون ۽ گهربل قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي
