گذريل ڏينهن پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل هٿياربند جو لاش پوليس هٿ ڪري ورتو . پوسٽ مارٽم بعد وارث لاش کڻائي ويا . مارجي ويل بدنام ڌاڙيل مٿان 60 کان وڌيڪ ڪيس ۽ 50 لک روپيه انعام رکيل هو . پوليس . تفصيل موجب پريالوءِ ڀرسان الراجاگيرجي ڪچي واري علائقي ۾ گذريل ڏينهن جمالي ڳوٺ وٽان فيض محمد ٻنڊو پوليس ۽ ڏوهارين ۾ مبينا مقابلي دوران مارجي ويل ڏوهاري سائين ڏنو ناريجو جو لاش پوليس ڳوٺ عالماڻي ناريجا مان هٿ ڪرڻ بعد لاش کڻائي اسپتال مان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد وارثن حوالي ڪيو جنهن بعد مارجي ويل بدنام ڏوهاري جو لاش وارث کڻائي پنهنجي ڳوٺ عالماڻي ناريجا ۾ گهرپهچايو هوڏانهن فيض محمد ٻنڊو پوليس جو چوڻ آهي ته مارجي ويل بدنام ڏوهاري سائين ڏنو ناريجو ڪجهه سال اڳ فيض محمد ٻنڊو ٿاڻي جي ٻن پوليس اهلڪارن مبارڪ ناريجو ۽ يونس ڪانهر کي گوليون هڻي شهيد ڪرڻ سان گڏ ٻيا 60 کان وڌيڪ ڪيس داخل ٿيل آهن پوليس موجب مارجي ويل ڏوهاري خلاف سرڪار پاران 50 لک روپيه انعام پڻ مقرر ٿيل هو