ڪنڌڪوٽ : اتر سنڌ جو تاريخي شھر ڪنڌڪوٽ به ثقافتي رنگن ۾ رنگجي ويو

اتر سنڌ جو تاريخي شھر ڪنڌڪوٽ به ثقافتي رنگن ۾ رنگجي ويو۔ شھر جي غزالي ايجوڪيشن فائونڊيشن ڪيمپس اسڪول جي انتظاميه طرفان سنڌ ھڪ زبردست ثقافتي تقريب منعقد ڪئي ويئي ان موقعي تي اسڪول انتظاميه طرفان ڪوٺايل ثقافتي پروگرام ۾ ٻارن سنڌ جي ثقافت ۽ تاريخ تي روشني وڌي۔ ان موقعي تي شاگردن توڙي شاگردياڻين مختلف مزاحيه خاڪا پيش ڪري آيل مھمانن کي خوب کلايو۔ سنڌ جي قومي گيتن تي جھمريون پائي خوب خوشي جو اظھار ڪيو۔ پروگرام جي اڳواڻي ڪندڙ غزالي ايجوڪيشن فائونڊيشن ڪيمپس گوليمار ڪنڌڪوٽ اسڪول جي پرنسپال ذوالفقار احمد ٻارن م ڪجھ ڏينھن اڳ ٽيسٽ ورتا ويا ء بھترين ڪارڪردگي تي انعام ويا ان موقعي تي آيل ٻارن سنڌ جي ثقافت اجرڪ ۽ ٽوپيون پائي پروگرام کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا