اسلام آباد: اليڪشن ڪميشن طرفان 31 ڊسمبر تي ٿيندڙ مڪاني چونڊن جو شيڊول ملتوي ڪيو ويو آهي، اليڪشن ڪميشن جي 5 رڪني بينچ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي اسلام آباد جي مڪاني چونڊن بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي جنهن سلسلي ۾ ايڊووڪيٽ جنرل جهانگير جدون، اڳوڻو اٽارني جنرل اشتر اوصاف، پي ٽي آءِ طرفان بابر اعوان ۽ علي نواز اعواڻ جڏهن ته جماعت اسلامي طرفان ميان اسلم اليڪشن ڪميشن ۾ پيش ٿيو، ٻڌڻي دوران چيف اليڪشن ڪميشنر پڇاڻو ڪيو ته ڇا آدمشماري جي رپورٽ آئي آهي، ان تي اشتر اوصاف چيو ته آدمشاري جي اداري پاران اسلام آباد جي آبادي ۾ اضافي جو ٻڌايو ويو. اليڪشن ڪميشن کي آبادي ۾ اضافي جو معاملو ڏسڻ گهرجي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ به آبادي ۾ اضافي کي مڃيو آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اليڪشن ڪميشن کي حتمي فيصلو ڪرڻ جو اختيار ڏنو آهي، اشتر اوصاف چيو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اليڪشن ڪميشن کي وفاقي حڪومت جو موقف ٻڌڻ جو چيو ۽ اليڪشن ڪميشن وفاقي حڪومت کي ٻڌڻ کان سواءِ فيصلو جاري ڪيو. ماضي ۾ به شيڊول جاري ٿيڻ کان پوءِ چونڊون ملتوي ڪيون ويون. اليڪشن کي آئين ۽ قانون موجب فيصلو ڪرڻو آهي ڇو ته اليڪشن ڪميشن وڏي انگ ۾ شهرين کي سندن حقن کان محروم نٿو رکي سگهي، ٻڌڻي دوران چيف اليڪشن ڪمشنر چيو ته اسلام آباد ۾ 2 ڀيرا تڪ بنديون ٿي چڪيون آهن ۽ پنجاب ۾ به 2 ڀيرا تڪ بنديون ٿي چڪيون آهن، ٽيون ڀيرو شروع ٿي رهيون آهن. حڪومت کي اڳ خيال ڇو نه آيو ته وقت تي يوسيون وڌائڻ گهرجن ها. هاڻ جڏهن شيڊول جو اعلان ٿي چڪو آهي ته ان وقت هي يوسيون وڌائڻ چاهين ٿا. حڪومت ڪميشن کي ڏکي صورتحال ۾ وجهي ڇڏيو آهي. آئين جي آرٽيڪل 149 ۾ لکيل آهي ته لوڪل قانون موجب چونڊون ڪرائڻيون آهن. هاڻ جيڪڏهن اهو قانون ئي تبديل ڪيو وڃي ته پوءِ ڇا ڪيو وڃي
