ساڍا 4 سال پابندي کان پوءِ پي آءِ اي جون يورپ لاءِ اڏامون بحال

 ساڍا 4 سال پابندي کان پوءِ يورپ لاءِ پي آءِ اي جون اڏامون 10 جنوري کان شروع ٿينديون. پي آءِ اي جي يورپ لاءِ پهرين اڏام اسلام آباد کان پيرس روانو ٿيندي. شروعاتي مرحلي ۾ هفتيوار 2 اڏامون آپريٽ ڪيون وينديون جن کي لاڳيتو وڌايو ويندو. اڏامون جمعي ۽ آچر جي ڏينهن آپريٽ ڪيون وينديون، اڏامن جو شيڊول مسافرن جي سهوليت جي حساب سان انتهائي پرڪشش بنايو ويو آهي. اسلام آباد مان اڏام صبح 11:30 وڳي رواني ٿيندي  جيڪا ٻنپهرن جو 4 وڳي پيرس پهچندي. جڏهن ته پيرس مان اڏام شام 5 وڳي رواني ٿيندي جيڪا صبح جو 5 وڳي اسلام آباد پهچندي. شيڊول جي سهولت اهڙي ڪئي وئي آهي جو مسافر ناشتو پاڪستان ۾ ۽ ٻنپهرن جي ماني پيرس ۾ کائيندا.