9 مئي ڪيسز ۾ جي آءِ ٽي رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪئي وئي، جنهن ۾ پي ٽي آءِ قيادت ۽ ڪيترن ئي اڳواڻن کي ڏوهاري قرار ڏنو ويو آهي. دهشتگردي جي انت واري عدالت ۾ 9 مئي سانحي جي مختلف هنڌن ۾ اهم اڳڀرائي سامهون اچي وئي آهي، جي آءِ ٽي جاچ مڪمل ڪري رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ جاچ جي حوالي سان ٻڌايو ويو آهي ته پي ٽي آءِ قيادت 9 مئي تي عوام کي ڀڙڪايو. جي آءِ ٽي جاچ موجب اسد عمر، اعظم سواتي، حافظ فرحت سميت ٻيا جوابدار ڏوهاري آهن، پي ٽي آءِ جي قيادت به ڏوهاري آهي. ٻڌڻي دوران دهشتگردي جي انت واري عدالت جي جج ارشد جاويد جوابدارن جي وڪيلن کان پڇاڻو ڪيو ته اوهان ٻڌايو ته ڇا تاريخ چاهيو ٿا؟ اوهان پهريان چئي رهيا هو ته جاچ مڪمل ڪريو، هاڻ جيڪڏهن جاچ مڪمل ٿي وئي آهي ته انهي تي بحث ڪريو. جنهن کان پوءِ عدالت جوابدارن جي وڪيلن کي دليلن جي لاءِ ايندڙ ٻڌڻي تي 14 جنوري تي طلب ڪري ورتو. ٻئي پاسي دهشتگردي جي انت واري عدالت لاهور ۾ جناح هائوس حملو، شادمان ٿاڻي ۾ ڀڃ ڊاهه، گهيراءُ سميت 9 مئي سانحي جي 5 ڪيسز ۾ اهم اڳڀرائي سامهون آئي، جنهن ۾ جاچ آفيسر پنهنجي رپورٽ ۾ جوابدارن کي 4 ڪيسز ۾ ڏوهاري قرار ڏئي ڇڏيو. ٻڌڻي دوران جاچ آفيسر جمشيد اقبال چيمه، مسرت جمشيد چيمه جي خلاف 4 ڪيسز ۾ جاچ رپورٽ دهشتگردي جي انت واري عدالت جي ايڊمن جج مظفر علي گل جي آڏو پيش ڪئي وئي. انهي موقعي تي جمشيد اقبال چيمه، مسرت جمشيد چيمه، مزمل مسعود جي عبوري ضمانت جو مدو ختم ٿيڻ تي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو.