عمر ايوب پنهنجي گرفتاري خلاف توهين عدالت جي درخواست داخل ڪري ڇڏي

 عمر ايوب عدالتي حڪمن جي باوجود گرفتار ڪرڻ تي پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ توهين عدالت جي درخواست داخل ڪري ڇڏي. عمر ايوب درخواست ۾ آءِ جي پنجاب عثمان انور، ڊي پي او راولپنڊي، ايس پي صدر راولپنڊي ۽ ڊي پي او اٽڪ کي ڌر بنايو آهي. هن درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ته درخواستگذار کي پشاور هاءِ ڪورٽ حفاظتي ضمانت ڏني هئي، ان جي باوجود راولپنڊي پوليس گرفتار ڪيو ۽ حبس بي جا  ۾ رکيو ويو. عمر ايوب چيو ته  راولپنڊي پوليس پشاور هاءِ ڪورٽ جي حڪمن جي ڀڃڪڙي ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ راوالپنڊي پوليس توهين عدالت جي حقدار ٿي. هن درخواست ۾ استدعا ڪئي ته آءِ جي پنجاب، ڊي پي او راولپنڊي، ڊي پي او اٽڪ، ايس پي صدر راولپنڊي جي خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي ڪئي وڃي.