پريالوءِ لڳ مبينا پوليس مقابلي دوران مارجي ويل نوجوان جي والد جو بيان

پريالوءِ لڳ مبينا پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل سائين بخش عرف سائين ڏنو ناريجو جي والد احمد ناريجو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته منهنجي پٽ کي بيگناهه قتل ڪيو ويو آهي. احمد ناريجو پنهنجي بيان ۾ چيو ته سندس پٽ سائين بخش تي برادري تڪرار جا ڪيس داخل ٿيل هئا، پر ان جو مطلب اهو نه آهي ته کيس بنا ڪنهن جاچ جي قتل ڪيو وڃي. هن دعويٰ ڪئي ته سولنگي برادري جي هٿياربندن سندس پٽ کي زمين تي ڪم لاءِ ويندي رستي ۾ گوليون هڻي قتل ڪيو. احمد ناريجو وڌيڪ چيو ته پوليس پاران سندس پٽ جي مبينا مقابلي ۾ مارجي وڃڻ جو دعويٰ غير صحيح آهي ۽ اهو واقعو سازش تحت قتل آهي. هن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته واقعي جي شفاف جاچ ڪرائي وڃي ۽ اصل جوابدارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي.