رضا زنگيجو مبينا پوليس مقابلي ۾ قتل: 113 ڳوٺاڻن خلاف دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس، 59 ڳوٺاڻن جي ضمانت منظور

سکر ۾ مبينا پوليس مقابلي ۾ قتل ٿيل رضا زنگيجو جي واقعي ۽ ان سان لاڳاپيل 113 ڳوٺاڻن خلاف دهشتگردي ايڪٽ تحت داخل ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي . دهشتگردي جي انت واري عدالت 59 ڳوٺاڻن جي ضمانت 30 هزار رپين جي مچلڪن عيوض منظور ، جڏهن ته عدالت 19 ڊسمبر تي سمورين ڌرين کي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو آهي. سکر جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ 113 ڳوٺاڻا پيش ٿيا، جنهن دوران عدالت جي اندر ۽ ٻاهر ماڻهن جو وڏو ميڙ ڏٺو ويو. ماڻهن جي گهڻائي سبب عدالت ڀرجي وئي ۽ ڪيترائي ماڻهو ٻاهر بيهڻ تي مجبور ٿيا.ڪيس ۾ نامزد جوابدارن ۾ ٻه حاضر سروس فوجي، ارباب زنگيجو ۽ الطاف زنگيجو به شامل آهن، جيڪي عدالت ۾ پيش ٿيا. ٻنهي فوجي اهلڪارن جو موقف آهي ته انهن عدالت ۾ پنهنجن ڊيوٽي ليٽرز پڻ پيش ڪيا.نامزد جوابدارن مان هڪ، حبيب الله زنگيجو، جنهن جي ٻن مهينن کان ڄنگهه ڀڳل آهي، عدالت ۾ لوڊر رڪشي ذريعي پهتو. هن چيو،منهنجي ڄنگهه ٻه مهينا اڳ ڀڄي پئي هئي، مان اڃا علاج ڪرائي رهيو آهيان. سندس عدالت ۾ اهڙي حالت ۾ پيش ٿيڻ واري منظر ماڻهن ۾ همدردي پيدا ڪئي.رضا زنگيجو جي وارثن جو موقف آهي ته رضا کي ڪوڙي پوليس مقابلي ۾ قتل ڪيو ويو. وارثن عدالت کان مطالبو ڪيو ته واقعي جي شفاف جاچ ڪئي وڃي. انهن دعويٰ ڪئي ته، اسان پرامن احتجاج ڪيو، پر پوليس اسان تي شيلنگ ڪئي ۽ اسان مٿان ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو ويو.”دهشتگردي جي انت واري عدالت 59 ڳوٺاڻن جي ضمانت 30 هزار رپين جي مچلڪن عيوض منظور ڪئي، جن ۾ عبدالستار زنگيجو، اسد، هادي بخش، علي محمد، ڪمال، علي مردان، نواز علي ۽ حبدار شامل آهن. عدالت 19 ڊسمبر تي ڪيس جي اڳڀرائي لاءِ سڀني ڌرين کي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو آهي. رضا زنگيجو جي مبينا قتل واري معاملي تي ڳوٺاڻن پاران پرامن احتجاج ڪيو ويو هو، جنهن تي پوليس ڪارروائي ڪندي ڳوٺاڻن مٿان دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو. اهو معاملو انساني حقن، پوليس جي طاقت جي استعمال ۽ عدالتي نظام جي شفافيت تي سوال اٿاري رهيو آهي. عدالت 19 ڊسمبر تي ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي، جتي عدالت ۾ ڳوٺاڻن، پوليس ۽ ٻين ڌرين جا موقف ٻڌا ويندا. عدالت جي ايندڙ فيصلي مان اندازو لڳايو ويندو ته آيا ڪوڙو مقابلو ثابت ٿئي ٿو يا پوليس جو موقف تسليم ڪيو وڃي ٿو. اهو واقعو سڄي ملڪ ۾ توجھ جو مرڪز بڻيل آهي، جتي ماڻهن جي وڏي تعداد، خاص طور تي انساني حقن جا ڪارڪن، پوليس جي ڪارروائي ۽ انصاف جي نظام تي سوال اٿاري رهيا آهن.