پير سائين پاڳاري دعوت دريا خان راڄڙ ۾ مريدن کي زيارت دوران روحاني خطاب ڪيو

پير سائين پاڳاري دعوت دريا خان راڄڙ ۾ مريدن کي زيارت دوران روحاني خطاب ڪيو، جنهن ۾ وڏي تعداد ۾ جماعت شريڪ ٿي. خطاب دوران پير سائين پاڳاري مريدن کي روحاني ۽ اخلاقي اصولن تي عمل ڪرڻ جي تلقين ڪئي. پير سائين چيو ته صوفيت جو مقصد انسانيت جي ڀلائي ۽ معاشري ۾ امن قائم ڪرڻ آهي. هن زور ڏنو ته هر ماڻهو پنهنجي زندگي ۾ صبر، صداقت ۽ قرباني جا اصول اپنائجن، ڇو ته اهي اصول ئي هڪ خوشحال ۽ پرامن معاشري جو بنياد آهن. زيارت ۾ شريڪ مريدن ۽ جماعت لاءِ خاص دعا پڻ گهري وئي، جڏهن ته ماڻهن وڏي عقيدت سان پير سائين پاڳاري جا وعظ ٻڌا. مريدن جي وڏي انگ ۾ شريڪ ٿيڻ شهر ۽ آس پاس جي علائقن ۾ مذهبي جوش ۽ جذبي کي عيان ڪيو. پروگرام جي پڄاڻي تي گڏ ٿيل جماعت ۾ نگر ورهايو ويو