سنڌ ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ انتظاميا درسي ڪتابن جي ڇپائي لاءِ من پسند ماڻهن کي ٽينڊر جاري ڪرڻ وارين خبرن جي ترديد ڪندي اعلان ڪيو آهي ته تعليمي سال 2025-26ع لاءِ سمورن سرڪاري اسڪولن ۾ شاگردن کي مفت ڪتاب وقت تي فراهم ڪيا ويندا ته جيئن انهن جي تعليم بنا ڪنهن رنڊڪ جي جاري رهي. سنڌ ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ انتظاميا پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته درسي ڪتابن جي ڇپائي لاءِ ٽينڊر جاري ڪرڻ جو عمل سنڌ پبلڪ پروڪيورمينٽ ريگيوليٽري اٿارٽي جي 2010ع کان هن وقت تائين ترميم ٿيل ضابطن تحت مڪمل شفافيت سان ڪيو وڃي ٿو، بورڊ انٽرنيشنل ڪمپٽيٽو بيڊنگ ۽ نيشنل ڪمپٽيٽو بيڊنگ ذريعي ڪتابن جي ڇپائي لاءِ موثر ۽ منصفاڻو عمل اختيار ڪيو وڃي ٿو. ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ انتظاميا موجب اسان جو ادارو سمورن اهل پرنٽرز، پبلشرز ۽ ڪمپنين کي ڀليڪار ڪري ٿو ۽ زور ڏئي ٿو ته ٽينڊر جو عمل صرف ميرٽ تي ٻڌل هوندو آهي، ڪنهن ذاتي چونڊ تي نه، اسان جو خريداري عمل چونڊ تي ٻڌل ناهي، پر مڪمل شفافيت ۽ برابريءَ جي اصول تي مبني آهي. سوشل ميڊيا تي هلندڙ خبرن بابت انتظاميا جو چوڻ آهي ته درسي ڪتابن جي ڇپائي لاءِ ٽينڊر واري عمل ۾ ڪنهن خاص ڪمپني کي فائدو ڏيڻ جا الزام بي بنياد آهن، ٽينڊر هن وقت تائين کوليا ئي ناهن ويا ته من پسند ماڻهن کي ڏيڻ واريون دعوائون رڳو عوام کي گمراهه ڪرڻ ۽ سنڌ جي شاگردن جي تعليمي مستقبل سان کيڏڻ جي برابر آهن، شرپسندن پاران اهڙي قسم جا ڪوڙا الزام نه رڳو اسان جي ڪوششن کي بدنام ڪرڻ جي ڪوشش آهن، پر اهي شاگردن جي تعليم لاءِ نقصانڪار آهن. سنڌ ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ انتظاميا ٻيهر پنهنجي عزم جو اظهار ڪندي چيو آهي ته نون ڪتابن جي تياري ۽ انهن جي ورهاست لاءِ ٽيم ڏينهن رات ڪم ڪري رهي آهي، ايندڙ تعليمي سال ۾ هر سرڪاري اسڪول جي هر شاگرد کي مفت ڪتاب مهيا ڪيا ويندا،بورڊ جي هن ڪوشش جو مقصد معياري تعليم کي هٿي ڏيڻ ۽ شاگردن کي بنا خرچ جي بهترين سکيا جو سامان فراهم ڪرڻ آهي.