پريالوء ٽائون انتظاميه جي نااهلي سبب گلابن جو شهر گندگي جي ور چڙهيل آهي. هر طرف گندو پاڻي بيٺل ۽ ڪچري جا ڍير لڳل آهن، جنهن سبب شهرين جي زندگي عذاب بڻجي وئي آهي. انتظاميه جي لاپرواهي ۽ هڪ ڪروڙ رپين جي بجيٽ هجڻ باوجود صفائي سٿرائي جا مسئلا حل نه ٿيڻ تي شهرين سخت احتجاج ڪيو. احتجاج ڪندڙ جاويد لاکو، ظهير ميمڻ، اميت ڪمار ۽ ٻين چيو ته شهر ۾ گندگي سبب مختلف بيماريون ڦهلجي رهيون آهن، پر انتظاميه اکيون بند ڪيون ويٺي آهي. احتجاج دوران مظاهرين ٽائون انتظاميه خلاف نعريبازي ڪندي گندگي ختم ڪرڻ ۽ مسئلا حل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو. احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته جيڪڏهن فوري طور مسئلا حل نه ڪيا ويا ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو. شهرين ٽائون انتظاميه کان گهر ڪئي ته صفائي نظام بهتر بڻائي شهر جو حسن بحال ڪيو وڃي ۽ رهواسين کي سک جو ساهه کڻڻ ڏنو وڃي.