ڪراچي: پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾جاري پهرين ٽيسٽ ميچ جي ٻئي ڏينهن قومي ٽيم پهرين اننگز ۾ 438 رنسون ٺاهي آل آئوٽ ٿي وئي،ڪراچي ٽيسٽ جي ٻئي ڏينهن جي پڄاڻي تي نيوزيلينڊ بنا ڪنهن وقت جي نقيان تي 165 رنسون ٺاهي ورتيون آهن ۽ کيس 273 رنسن جو خسارو آهي، ٽام ليٿم 78 ۽ ڊيون ڪانوي 82 رنسون ٺاهيون آهن،پاڪستان طرفان پهرين اننگز ۾ ڪپتان بابر اعظم ۽ آغا سلمان شاندار بيٽنگ ڪئي ۽ سينچريون اسڪور ڪيون،آغا سلمان طرفان ٽيسٽ ڪيريئر جي پهرين سينچري اسڪور ڪئي وئي، ٻئي ڏينهن پاڪستان پنج وڪيٽون وڃايون، ڪپتان بابر اعظم ڏينهن جي شروعات تي 161 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو، جڏهن ته نعمان علي 7، محمد وسيم 2 ۽ مير حمزا 1 رنس ٺاهي پويلين موٽي ويا،نيوزيلينڊ طرفان ٽم سائوٿي ٽي شڪار ڪيا، اعجاز پٽيل، بريسويل ۽ ايش سوڍي ٻه ،ٻه وڪيٽون حاصل ڪيون جڏهن ته نيل واگنر جي حصي ۾ هڪ وڪيٽ آئي
