مدرسن جي رجسٽريشن ۽ اصلاحات جي حوالي سان اهم اجلاس اڄ اسلام آباد ۾ منعقد ٿيندو جنهن ۾ سڄي پاڪستان ۾ هر مڪتبه فڪر جا عالم شرڪت ڪندا. ذريعن موجب اجلاس ۾ غلام قمر، خالد مقبول صديقي، سالڪ حسين، طاهر اشرفي، راغب نعيمي ۽ مولانا عبدالڪريم آزاد به شريڪ ٿيندا. اجلاس ۾ عالم سڳورن کان مدرسن جي رجسٽريشن ۽ اصلاحات جي حوالي سان راءِ ورتي ويندي، انهي کان علاوه 2019 ۾ حڪومت ۽ عالمن وچ ۾ مدرسن جي حوالي سان طئي ٿيندڙ معاهدو به غور هيٺ ايندو. مدرسن جي رجسٽريشن جي حوالي سان ڊي جي آر اي 22 آڪٽوبر 2019ع تي ملڪ ۾ قائم ڪيل ۽ هينئر تائين 17653 مدرسا ڊي جي آر اي ۾ رجسٽرڊ آهن. 598 مدرسن کي 1196 استاد فراهم ڪيا ويا جڏهن ته 163 مدرسن ۾ قومي نصاب متعارف ڪرايو ويو، هينئر تائين 1491 شاگردن کي پاڪستاني ويزا حاصل ڪرڻ ۽ واڌ ۾ مدد ڪئي وئي.