ملير جي علائقي رزاق آباد ويجهو پورٽ قاسم اٿارٽي جي انتظاميا گهر ڊاهڻ لاءِ پهچي وئي، جنهن تي علائقي واسين سخت احتجاج ڪيو.

ملير جي علائقي رزاق آباد ويجهو پورٽ قاسم اٿارٽي جي انتظاميا گهر ڊاهڻ لاءِ پهچي وئي، جنهن تي علائقي واسين سخت احتجاج ڪيو. انتظاميا گهر ڊاهڻ دوران ڪيترن ئي گهرن کي باهيون ڏنيون، جنهن سبب رهواسين ۾ خوف ۽ ڏک پکڙجي ويو. گهر ڊاهڻ واري عمل خلاف رهواسين قومي شاهراهه تي ڌرڻو هنيو، جنهن سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي ۽ مسافرن کي شديد تڪليفن کي منهن ڏيڻو پيو. احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته هو سالن کان ان علائقي ۾ آباد آهن، پر پورٽ قاسم اٿارٽي کين زبردستي بي دخل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، جيڪا هڪ انتهائي ناانصافي آهي. رهواسين الزام مڙهيندي چيو ته انتظاميا بنا ڪنهن متبادل انتظام جي سندن گهر ڊاهي رهي آهي، جنهن سبب هو بي گهر ٿي ويندا. احتجاج ڪندڙن سنڌ حڪومت ۽ ٻين اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته پورٽ قاسم اٿارٽي جي ڪارروائي کي فوري طور تي روڪيو وڃي ۽ رهواسين کي سندن حق ڏنا وڃن. ڌرڻي دوران رهواسين اعلان ڪيو ته جيڪڏهن سندن مسئلو حل نه ڪيو ويو ته هو احتجاج جو دائرو وڌائيندا ۽ پنهنجي حقن لاءِ آخري حد تائين ويندا.