پريالوء شهر ۾ غيرقانوني حددخلين جو آزار وڌي رهيو آهي، جنهن سبب شھرين کي تمام گهڻين مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. شهر جي مين روڊن ۽ شاهي بازار ۾ واقع دڪانن جي اڳيان ناجائز ريڙها ۽ ڪئبنون رکيون ويون آهن، جنهن جي نتيجي ۾ رستا سوڙھا ٿي ويا آهن. هي صورتحال ٽرئفڪ جام جو سبب بڻجي وئي آهي، ۽ ٽرئفڪ جام روزمره جو معمول بڻيل آهي. شهر جي مختلف علائقن ۾ گاڏين جي رش، سواري ڪندڙ ماڻهن لاءِ شديد پريشاني جو سبب بڻجي رهي آهي. شھرين جو چوڻ آهي ته انتظاميا جي لاپرواهي ۽ ناجائز حددخلين کي نظرانداز ڪرڻ ان مسئلي کي وڌيڪ شدت ڏئي رهي آهي. شھر واسين انتظاميا کان مطالبو ڪيو آهي ته فوري طور تي ڪارروائي ڪري ناجائز حددخلين کي هٽائي، شهر جي رستن ۽ بازارن کي صاف ڪيو وڃي، جيئن ٽرئفڪ رواني بحال ٿي سگهي ۽ شھرين کي آساني ميسر اچي.