جي ايڇ ڪيو حملي ڪيس ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻن سميت 25 غير حاضر جوابدارن جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا ويا آهن. عدالت طرفان ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيلن ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻن ۾ ڪي پي ڪي جو وڏو وزير علي امين گنڊاپور، شبلي فراز، ڪنول شوزب، راشد حفيظ، ڪرنل شبير، عمر تنوير بٽ ۽ شهريار آفريدي شامل آهن. جي ايڇ ڪيو حملي ڪيس جي ٻڌڻي اڄ اڊيالا جيل ۾ ٿي هئي پر ٻڌڻي اي ٽي سي جج امجد علي شاهه جي موڪل تي هجڻ سبب ملتوي ڪئي وئي، گذريل ٻڌڻي تي پي ٽي آءِ باني سميت 89 اڳواڻن ۽ ڪارڪنن تي فرد جرم لاڳو ڪئي وئي هئي. عدالت سي پي او راولپنڊي کي گرفتاري وارنٽ تي عمل ڪرائڻ جو به حڪم ڏئي رکيو آهي جڏهن ته جوابدارن کي اڄ گرفتاري ڪري عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو هو. گرفتاري وارنٽ دهشتگردي جي انت واري خصوصي عدالت جي جج امجد علي شاهه طرفان جاري ڪيا ويا هئا. جوابدارن جي ضمانت نه ٿيڻ جوڳن گرفتاري وارنٽ تي گذريل ٻڌڻي تي غير حاضري جي آڌار تي گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا ويا هئا. جي ايڇ ڪيو حملي ڪيس جي ٻڌڻي 13 ڊسمبر تائين ملتوي ڪئي وئي.