سڪرنڊ ۾ ڪچو شراب واپرائڻ سبب فوتين جو انگ وڌي 6 ٿي ويو تعلقي نوابشاھ ٿاڻي جي حد ڳوٺ ارباب زرداري جو رھواسي ھوٽل جو مزدور بشير احمد زرداري فوت ٿي ويو پورھيت جو لاش نوابشاھ اسپتال آندو ويو جتي پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. پي ڪي ٿاڻي جي حد ڳوٺ امام بخش بروهي جو رھواسي بالشير بروهي ڪچو شراب واپرائڻ ڪري فوت ٿي ويو جڏهن تہ گذريل ڏينھن مبيناطور سڪرنڊ ڀرسان پي ڪي ٿاڻي جي حد جي مختلف ڳوٺن جي رھواسين پاران ڪچو شراب واپرائڻ سبب چار ڄڻا فوت ٿيا ھئا ۽ ھينئر تائين فوتين جو تعداد وڌي 6 ٿي ويو آھي. اھڙي واقعي کانپوءِ ايس ايس پي شھيد بينظير آباد تنوير حسين تنيو پاران ٻن ڊي ايس پيز جي سربراھي ۾ ٽيم جوڙي انڪوائري ڪرڻ جو حڪم ڪيو آهي جڏهن تہ نوابشاھ ٿاڻي جي حد ڳوٺ ارباب زرداري جي رھواسي واقعي جي رپورٽ تعلقه ٿاڻي تي داخل ڪرائي ڇڏي آهي. پي ڪي ٿاڻي تي ڳوٺ شھبيگ کوسو جي ٻن منشيات فروشن عنايت علي کوسو ۔دلبر کوسو ۽ ٻين تي قلم 109.3371.302 تحت ايف آئي آر داخل ڪئي وئي آھي ۽ ھينئر تائين ڪا گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگھي آھي.