غوثپور لڳ نامعلوم هٿياربندن ٽريڪٽر ڦر ڪرڻ جي ڪوشش مزاحمت ڪرڻ تي هڪ ڄڻو ڊرائيور قتل هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو

تفصيل موجب ته غوثپور ويجهو ڪچو ٻنڊي ٿاڻي جي حد جي ڳوٺ قابل ميربحر ۾ هٿياربندن پاران ٽريڪٽر ڦر ڪرڻ دوران مزاحمت ڪرڻ تي هٿياربندن هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي م گوليون لڳڻ سبب ڳوٺ موسو لولئي جي رھواسي هڪ ڄڻو ٽريڪٽر ڊرائيور شبير لولائي کي قتل ڪري ڇڏيو جڏهن ته ۽ امان الله پٽ عارب ڀيري کي هٿيارن جا بٽ هڻي زخمي ڪري فرار ٿي ويا اھڙو اطلاع ٿاڻي تي ڏنو ويو پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل م وٺي ڇڏيو ء پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو لاش گهر پهچڻ تي قعورام مچي ويو ٻڌايو پيو وڃي ته جاگيراڻي گينگ جي هٿياربندن پاران ٽريڪٽر ڦر ڪرڻ دوران جيڙو ٿي پيو جنھن تي هٿياربندن هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا فائرنگ ڪري ڏني هڪ ڄڻي کي قتل ۽ ٻئي کي زخمي ڪري فرار ٿي ويا,جڏهن ته زخمي امان الله ڀيري جو ٽريڪٽر به هٿياربند ڪاهي فرار ٿي ويا, آخري اطلاعن موجب ته واقعي جو ڪيس داخل نه ٿيو۔ پوليس ذريعن ٻڌايو ته واقعي بابت جاچ ڪري رهيا آهيون ۽ ڪابه گرفتاري عمل ۾ نه آئي آھي