بجلي جي ورهاست ۾ بهتري: ايشيائي ترقياتي بينڪ پاڪستان لاءِ 20 ڪروڙ ڊالر قرض جي منظوري ڏئي ڇڏي

ايشيائي ترقياتي بينڪ پاڪستان کي بجلي جي ورهاست واري نظام کي جديد بنائڻ لاٰءِ 20 ڪروڙ ڊالر قرض ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ايشيائي ترقياتي بينڪ جي پڌرائي موجب ڊسڪوز جي  ڀروسي جوڳي بجلي فراهمي يقيني بنائڻ لاءِ پاڪستان کي 20 ڪروڙ ڊالرز قرض ڏنو ويندو. اي ڊي بي موجب رقم مان ليسڪو، ميپڪو ۽ سيپڪو جي انفرااسٽرڪچر ۾ بهتري آندي ويندي. گرڊ مان ڀروسي جوڳي بجلي جي فراهمي سان  ڪاروبار کي وڏي سهوليت حاصل ٿيندي جڏهن ته بجلي جي ورهاست سبب نقصانن کي گهٽ ڪرڻ ۽ انفرااسٽرڪچر بهتر بنائڻ ۾ مدد ملندي. پڌرائي ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ايشيائي ترقياتي بينڪ پاڪستان جي وڌندڙ بجلي جي ضرورت پوري ڪرڻ جي لاءِ مدد ڪندو. امداد سان بجلي جي ورهاست جو نظام جديد بنايو ويندو ۽ نقصانن کي گهٽ ڪيو ويندو. جڏهن ته بجلي جي نقصانن ۾ گهٽتائي سان شعبي جي گڏيل نقصانن ۾ به گهٽتائي ٿيندي. ايشيائي ترقياتي بينڪ موجب منصوبي جي تحت 3 لک 32 هزار ايڊوانس ميٽر لڳايا ويندا جنهن سان ڊسڪوز کي اصل وقت ۾ بجلي جي استعمال ۽ گرڊ ڪارڪردگي جو ڊيٽا ملي سگهندو جڏهن ته منصوبي سان ٽنهي ڊسڪوز جي آن لائن ٽرانسفارمر مانيٽرنگ ڪري سگهبي. پڌرائي ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي ته ورتل قرض سان سيپڪو جي چئن 66 ڪلو واٽ گرڊ اسٽيشنن کي 132 ڪلو واٽ تي منتقل ڪيو ويندو ليسڪو ۾ 25 گرڊ اسٽيشنز کي جديد بنايو ويندو جڏهن ته ورهاست جو نظام اپ گريڊ ڪرڻ سان نقصانن ۾ گهٽتائي ۽ بل وصولي ۾ اضافو ٿيندو.