ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ روڊ حادثن دوران 4 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا آهن. ريسڪيو اختيارين موجب بلديه حب ريور روڊ ولايت علي مزار جي سامهون موٽر سائيڪل سلپ ٿيڻ سبب 2 ڄڻا فوت جڏهن ته هڪ زخمي ٿي پيو، لاشن کي فوري طور تي سول اسپتال ٽراما سينٽر منتقل ڪيو ويو. ريسڪيو اختيارين وڌيڪ ٻڌايو ته فوت ٿي ويلن جي سڃاڻپ قائم ۽ شهباز جي نالن سان ٿي آهي. ريسڪيو اختيارين موجب قيوم آباد ڄام صادق پل ڀرسان ٽرالر موٽر سائيڪل سوارن کي ٽڪر هنئي جنهن جي نتيجي ۾ هڪ موٽر سائيڪل سوار نوجوان فوت جڏهن ته ٻيو زخمي ٿي پيو. فوت ٿي ويل نوجوان جي سڃاڻپ 18 ورهين جي راچ جي نالي سان ٿي آهي. ناظم آباد ۾ نامعلوم گاڏي جي موٽر سائيڪل کي ٽڪر سبب 19 ورهين جو حنين ٿڏي تي فوت ٿي ويو جنهن جي لاش کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، پوليس حادثي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.