نارووال جي شهر ظفروال ۾ ٽٽل رشتي جي بحالي ۾ ناڪامي کان پوءِ ڪاوڙ ۾ اچي جوابدار فائرنگ ڪري اڳوڻي گهر واري، سس، سالي ۽ ان جي 10 ورهين جي معصوم پٽ کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو جنهن کان پوءِ جوابدار پاڻ کي به ڪمري ۾ بند ڪري آپگهات ڪري ڇڏيو. ظفروال جي ڏوراهين علائقي موضع خوشحال ڳڙهه ۾ جوابدار اڪرم عرف گڊو کي مبينه طور تي انهي جي پسند جي شادي ٽوڙائڻ ۽ انهي جي مائٽن مٿان ڪيس داخل ڪرڻ جو ڏک هو جنهن جي ڪري هن ڪاوڙ ۾ اچي اهو انتهائي قدم کنيو. جوابدار ڪاوڙ ۾ اچي اڳوڻن ساهورن جي گهر داخل ٿي انڌاڌنڌ فائرنگ شروع ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ سندس اڳوڻي سس حاجره بي بي، ان جي گهر واري، سالي ۽ ان جو پٽ ٿڏي تي فوت ٿي ويا جڏهن ته ان جو سهرو سخت زخمي ٿي پيو. ڊي پي او نارووال نويد ملڪ موجب جوابدار واقعي کان پوءِ پاڻ کي ڪمري ۾ بند ڪري باهه ڏني ۽ بليڊ سان پنهنجو گلو ڪٽي ڇڏيو. هن ٻڌايو ته فوتين جا لاش ۽ زخمي جوابدار، ان جي اڳوڻي سهري سميت 3 زخمين کي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال نارووال منتقل ڪيو پئي ويو ته جوابدار اڪرم عرف گڊو رستي ۾ دم حوالي ڪري ڇڏيو.