اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف وفاقي ڪابينه جي اجلاس ۾ چيو آهي ته امن امان جي صورتحال تي ڪنهن به قسم جو سمجهوتو نه ڪيو ويندو،رپورٽ موجب وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينه اجلاس جو پڌرنامو جاري ڪيو ويو آهي. جاري ڪيل پڌرنامي موجب وفاقي ڪابينه ملڪ ۾ ٿيندڙ دهشتگردي جي واقعن جي مذمت ڪئي، دهشتگردي خلاف جدوجهد تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو ويو،وفاقي ڪابينه اجلاس ۾ دهشتگردي جي واقعن ۾ شهيد ماڻهن جي لاءِ فاتحه خواني ڪئي، ڪابينه ان ازم جو ارادو ظاهر ڪيو ته ملڪ ۾ امن امان جي صورتحال تي ڪنهن به قسم جو سمجهوتو نه ڪيو ويندو. دهشتگردي کي جڙ کان ختم ڪيو ويندو،پڌرائي موجب وفاقي ڪابينه کي صنعت ۽ پيداوار جي وزارت طرفان اليڪٽرڪ بائيڪس جو استعمال عام ڪرڻ تي به تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. ڪابينه کي ٻڌايو ويو ته ملڪ ۾ پيٽرول سان هلندڙ موٽر سائيڪلن کي مرحليوار اليڪٽرڪ بائيڪس ۾ تبديل ڪيو ويندو. 22 ڪمپنين کي اليڪٽرڪ بائيڪس تيار ڪرڻ جا لائسنس جاري ڪيا ويا آهن،وزيراعظم چيو ته بجلي جي بچت لاءِ صوبن سميت سمورن اسٽيڪ هولڊز سان به صلاح مشوري جي عمل کي جلد کان جلد مڪمل ڪيو وڃي. وزيراعظم سرڪاري آفيسن ۾ بجلي جي طلب کي 30 سيڪڙو گهٽ ڪرڻ جي حوالي سان ڪميٽي ٺاهڻ جي به هدايت ڪئي. ڪميٽي ۾ بجلي، منصوبه بندي، پيٽروليم بابت وفاقي وزير ۽ سيڪريٽريز شامل هوندا،شهباز شريف چيو ته اسان کي بجلي جي استعمال بابت پنهنجي عادتن ۽ روين کي تبديل ڪرڻ جي ضرورت آهي. سرڪاري آفيسن ۾ به گهٽ کان گهٽ بجلي استعمال ڪئي ويندي. اجلاس ۾ اقتصادي رابطه ڪميٽي جي 21 ڊسمبر ۽ 15 نومبر تي ٿيندڙ اجلاس ۾ ورتل فيصلن جي توثيق ڪئي وئي. هوڏانهن وفاقي ڪابينه اجلاس ۾ نجڪاري ڪميٽي جي 28 ڊسمبر تي منعقد ٿيندڙ اجلاس ۾ ورتل فيصلن جي به توثيق ڪئي،وفاقي ڪابينه پنجاب حڪومت طرفان سينئر پارليامينٽرين چوڌري اشرف کي 53 سال پراڻي ڪيس ۾ گرفتار ڪرڻ تي افسوس جو اظهار ڪندي واقعي جي سخت مذمت ڪئي
