پريالوءِ ۾ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جو شاندار انعقاد ڪيو ويو، جتي النهال ڪي ڊي ايس ٽيم فائنل ۾ فتح حاصل ڪري ٽرافي پنهنجي نالي ڪئي. پريالوءِ سپر ليگ سيزن 2 ۾ ڪل ڇهه ٽيمون شريڪ ٿيون، ۽ ميچون پراڻي پل ڪرڪيٽ گرائونڊ ۾ کيڏيون ويون. فائنل ميچ ۾ النهال ڪي ڊي ايس ٽيم ۽ سردار سڪسرز آمهون سامهون ٿيون، جتي النهال ڪي ڊي ايس شاندار ڪارڪردگي ڏيکاريندي وڌيڪ رنسون ٺاهي ڪاميابي ماڻي. ان موقعي تي خاص مهمان يوسي پيرمڱيون جو چيئرمين زبيرالدين بلوچ ۽ يوسي ميهر علي جو چيئرمين نظير احمد ڦليوٽو موجود هئا، جن کٽندڙ ٽيم کي ٽرافي ۽ شيلڊ سان نوازيو. تقريب ۾ معڪم الدين بلوچ، صفدار حسين بلوچ سميت ڪيترائي سياسي، سماجي اڳواڻ ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ۽ رانديگرن جي حوصلا افزائي ڪئي. ٽورنامينٽ جي ڪاميابي سان علائقي ۾ ڪرڪيٽ جي مقبوليت ۾ اضافي جي اميد آهي