اسلام آباد: قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف چيو آهي ته استعيفائن جي منظوري لاءِ پاڪستان تحريڪ انصاف جي ميمبرن کي هڪ هڪ ڪري اچڻو پوندو،قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف پارليامينٽ هائوس ٻاهران صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته پي ٽي آءِ اڳواڻن سان رابطي جو اوسيئڙو هو پر هو اڄ به نه آيا. جنهن کان پوءِ مون پاڻ ملڪ عامر ڊوگر سان رابطو ڪيو. هن اڄ جي بجاءِ سڀاڻي صبح جو ملاقات لاءِ چيو آهي. مون هنن کي سڀاڻي 11:30 وڳي جو ٽائيم ڏنو آهي،هن چيو ته پي ٽي آءِ ميمبرن کي استعيفائن جي منظوري لاءِ هڪ هڪ ڪري اچڻو پوندو. گروپ جي صورت ۾ اچڻ سان معاملا بهتر نٿا ٿي سگهن. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر وڌيڪ چيو ته استعيفائن جي معاملي تي آئين ۽ قانون جو پابند آهيان. استعيفيٰ ميمبرن جا لکيل نه هئا. گذريل طلبي تي به پي ٽي آءِ ميمبر نه آيا. پي ٽي آءِ جي عامر ڊوگر استعيفائن بابت ڳالهين جي لاءِ رابطو ڪيو هو مون کيس ٻڌائي ڇڏيو آهي ته مان اسلام آباد پهچي ويو آهيان راجا پرويز اشرف چيو ته عامر ڊوگر کي مون چيو هو ته استعيفائن جي باري ۾ پاليسي چٽي آهي. جيڪي به آئيني معاملا آهن ان کي ساڳئي حوالي سان ڏٺو ويندو آهي. بنيادي ۽ آئيني طريقو آهي ته هر ميمبر پنهنجي استعيفيٰ پاڻ لکي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر وڌيڪ چيو ته اهو ضروري آهي ته ميمبر اچن ۽ استعيفيٰ ڏين ته تصديق جي لاءِ اماڻيان منهنجي گهرائڻ جو مقصد اهو پڇڻ هو ته ڇا هو خوشي سان استعيفيٰ ڏئي رهيا آهن. پي ٽي آءِ ميمبر نه پهتا ته مون سمجهيو ته هو شايد استعيفيٰ نٿا ڏيڻ چاهين،ذريعن موجب قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف پي ٽي آءِ ميمبرن جي استعيفائن تي آئيني ماهرن سان مشاورت مڪمل ڪري ورتي آهي. پي ٽي آءِ جو وفد ان سلسلي ۾ سڀاڻي اسپيڪر سان ملاقات ڪندو
