نئون ڪوٽ ڀرسان مبينا طور نامعلوم هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ نوجوان مارجي ويو، ڳوٺ گل محمد محمد مرڙاڻي ۾ نامعلوم هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان امير حسن ولد در محمد مرڙاڻي مارجي ويو،اهڙي اطلاع تي نئون ڪوٽ پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ وٺي ضروري ڪارروائي لاءِ صحت مرڪز نئون ڪوٽ آندو، جتي پوسٽ مارٽم ڪيو ويندو ان حوالي سان نوجوان جي ڀاءُ محمود سلطان ٻڌايو ته ڀاء فجر مهل گهر کان ٻاهر نڪتو ته ٻن موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن گوليون هڻي کيس قتل ڪيو آهي، ڀاءُ کي ناحق قتل ڪيو ويو آهي اسان سان انصاف ڪيو وڃي. پوليس موجب نوجوان کي پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال آندو آهي، وڌيڪ معاملي جي جاچ ڪيون پيا، جلد ڪارروائي مڪمل ڪري تفصيل سامهون آندا ويا.