اسلام آباد: پي ٽي آءِ اسلام آباد ۾ مڪاني چونڊون ملتوي ڪرڻ جو فيصلو چئلينج ڪري ڇڏيو

اسلام آباد: پاڪستان تحريڪ انصاف اسلام آباد ۾ مڪاني چونڊون ملتوي ڪرڻ تي اليڪشن ڪميشن جي فيصلي کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو آهي،ميڊيا ذريعن موجب اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اسلام آباد جون مڪاني چونڊون ملتوي ڪرڻ جي معاملي تي پاڪستان تحريڪ انصاف اليڪشن ڪميشن جو فيصلو اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو آهي علي نواز اعواڻ وڪيل سردار تيمور ذريعي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪئي درخواست ۾ اليڪشن ڪميشن جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏيڻ جي استدعا ڪئي وئي آهي،سيڪريٽري ڪابينه، گهرو سيڪريٽري ۽ اليڪشن ڪميشن کي درخواست ۾ ڌر بڻايو ويو آهي. جڏهن ته چيف اليڪشن ڪمشنر، ايم سي آءِ ۽ ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪميشن کي به درخواست ۾ ڌر بڻايو ويو آهي

پنھنجي راءِ لکو