ڪراچي: سنڌ حڪومت چين مان ايندڙ مسافرن جي ڪورونا ٽيسٽ جو فيصلو ڪري ورتو، عوامي هنڌن تي ماسڪ پائڻ جي هدايت

ڪراچي: سنڌ حڪومت نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر جي هدايت تي چين کان ايندڙ سمورن مسافرن جي ڪورونا ٽيسٽ جو فيصلو ڪري ورتو آهي،سنڌ جي صحت کاتي طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب اين سي او سي جي هدايتن تي ڪورونا جي نئين لهر کان بچاءُ جي لاءِ قدم کڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي جنهن جي تحت چين مان ايندڙ هر مسافر جي ڪورنا ٽيسٽ ڪئي ويندي ۽ مثبت ڪيس اچڻ تي مسافر کي قرنطينه ۾ رکيو ويندو. ڪورونا جي نشانين واري مسافر جو پي سي آر ٽيسٽ لازمي ڪيو ويندو،صحت کاتي موجب سمورن مسافرن کي فائزر جو بوسٽر ڊوز لڳايو ويندو. ڪنهن مسافر کي 6 مهينن دوران فائزر ويڪسين لڳل آهي ته ان کي ويڪسين نه لڳائي ويندي. جڏهن ته نشانيون ظاهر ٿيڻ ۽ ٽيست منفي اچڻ جي باوجود مريض جو چيسٽ ايڪسري به ڪيو ويندو.
سنڌ جي صحت کاتي عوامي هنڌن تي ماسڪ لازمي پائڻ ۽ ميڙ وارن هنڌن تي وڃڻ کان به پاسو ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي

پنھنجي راءِ لکو