پاڪستان تحريڪ انصاف طرفان لاتعلقي جي اعلان کان پوءِ اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري جو رد عمل سامهون اچي ويو آهي. فواد چوڌري دعويٰ ڪئي ته عمران خان پاڻ مون کي هدايت ڪئي آهي ته هو پارٽي جي موجوده عهديدارن طرفان سندس مٿان ڪيل ڪنهن به تنقيد جو جواب نه ڏئي. هن چيو ته جيستائين مان عمران خان سان ملاقات نٿو ڪريان ۽ انهي جو سبب سامهون نٿو اچي انهي وقت تائين مان ڪجهه به نه ڳالهائيندس.هن چيو ته مان پي ٽي آءِ باني سان گڏ آهيان ۽ انهي ڳالهه جي ڪابه پرواهه نٿو ڪريان ته بيرسٽر گوهر يا سلمان اڪرم راجا منهنجي موقف جي باري ۾ ڇا چون ٿا. ياد رهي ته گذريل ڏينهن پي ٽي آءِ چيئرمين بيرسٽر گوهر چيو هو ته عمران خان جي هدايت تي عمل ڪندي پي ٽي آءِ فواد چوڌري سان مڪمل طور تي لاتعلقي اختيار ڪري ڇڏي آهي. بيرسٽر گوهر چيو ته فواد چوڌري هاڻ پارٽي طرفان ميڊيان تي بيان جاري ڪرڻ يا ٽي وي ٽاڪ شو ۾ شرڪت ڪرڻ جو اختيار نٿو رکي. پي ٽي آءِ باني سندس خلاف لاتعلقي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.
21