19

وزيراعظم شهباز شريف تحريڪ انصاف سان ڳالهين لاءِ ڪميٽي جوڙي ڇڏي

وزيراعظم شهباز شريف پاڪستان تحريڪ انصاف سان ڳالهين لاءِ حڪومتي اتحاد جي ميمبرن تي ٻڌل ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق جي تجويز تي جوڙيل ڪميٽي ۾ نائب وزيراعظم اسحاق ڊار، راڻا ثناءُالله، سينيٽر عرفان صديقي به شامل آهن. انهي کان علاوه راجا پرويز اشرف، سيد نويد قمر، خالد مقبول صديقي، عبدالعليم خان ۽ چوڌري سالڪ حسين به ڪميٽي جو حصو آهن. ياد رهي ته گذريل رات تحريڪ انصاف جي چيئرمين بيرسٽر گوهر قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سان ڳالهين جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي استدعا ڪئي هئي، بيرسٽر گوهر تحريڪ انصاف سان ڳالهين جي آڇ تي زور ڏنو هو. وزيراعظم شهباز قريشي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جي تجويز مڃيندي حڪومتي اتحاد جي ڳالهين واري ڪميٽي جوڙيندي انهي اميد جو اظهار ڪيو آهي ته ملڪي سلامتي ۽ قومي مفاد کي آڏو رکيو ويندو. پاڪستان آهي ته اسان سڀ آهيون. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جي ڪاوشن جي تعريف ڪريان ٿو. ياد رهي ته تحريڪ انصاف ۽ حڪومتي اتحاد وچ ۾ ڪافي ڏينهن کان ڳالهيون هلي رهيون آهن پر باضابطه ڳالهين جي شروعات هينئر تائين نه ٿي سگهي هئي، جڏهن ته عمران خان ڪجهه ڏينهن اڳ پي ٽي آءِ جي ڳالهين واري ڪميٽي جو اعلان ڪيو هو.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو