پشاور هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ اڳواڻ ۽ قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن اڳواڻ عمر ايوب جي هڪ مهيني لاءِ حفاظتي ضمانت منظور ڪري ورتي آهي. پشاور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس اشتياق ابراهيم عمر ايوب جي راهداري ضمانت جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران درخواستگذار جي وڪيل دليل ڏنا ته عمر ايوب جي خلاف اسلام آباد جي رمنه ٿاڻي ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. درخواستگذار لاڳاپيل عدالتن ۾ پيش ٿيڻ چاهي ٿو پر انهي کي گرفتاري جو خدشو آهي انهي لاءِ حفاظتي ضمانت ڏني وڃي. جنهن کان پوءِ عدالت عمر ايوب جي هڪ مهيني جي حفاظتي ضمانت منظور ڪندي کيس داخل ڪيسن ۾ گرفتار نه ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. پشاور هاءِ ڪورٽ عمر ايوب کي به حڪم جاري ڪيو ته هو 21 جنوري تائين لاڳاپيل عدالت ۾ پيش ٿئي. پشاور هاءِ ڪورٽ جي ٻاهران صحافين سان ڳالهيون ڪندي عمر ايوب چيو ته حڪومت ڳالهين جي لاءِ ڪميي ٺاهي آهي انهي سان ڳالهيون ٿينديون، اڄ ڳالهين جو پهريون دور آهي ڏسون ٿا ته ڇا ٿو ٿئي، حڪومت جي نيت ڪهڙي آهي اهو به ڏسنداسين. پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته پي ٽي آءِ باني سان منهنجي ملاقات ناهي ٿي نه وري ڳالهين جي ٽيم جي ملاقات ٿي آهي اسان ويا هئاسين پر انهي ڏينهن مون کي گرفتار ڪيو ويو.