قائداعظم اهو ڪري ڏيکاريو جنهن کي ماڻهو ناممڪن سمجهندا هئا: صدر ۽ وزيراعظم طرفان پاڪستان جي باني کي خراج عقيدت پيش

صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف طرفان قائداعظم محمد علي جناح کي يوم ولادت تي زبردست خراج عقيدت پيش ڪيو ويو آهي. صدر آصف علي زرداري پنهنجي پيغام ۾ چيو ته قائداعظم هڪ سياسي جدوجهد جي ذريعي تاريخ جو رخ مٽائي ڇڏيو، قائداعذم جي وزن، عزم ۽ استقلال جي بدولت مسلمانن کي آزاد ملڪ ميسر ٿيو. هن چيو ته نازڪ ترين دور ۾ قائداعظم محمد علي جناح جي قيادت انهي جي غير معمولي صلاحيتن جو ثبوت آهي. ٻئي طرف وزيراعظم شهباز شريف چيو ته قائداعظم اهو ڪري ڏيکاريو جنهن کي ماڻهو ناممڪن سمجهندا هئا انهن جي اڻٿڪ محنت جي بدولت پاڪستان وجود ۾ آيو، قائداعظم اتحاد، انصاف ۽ مساوات تي يقين رکندو هو. شهباز شريف چيو ته قائداعظم جي جدوجهد جو سفر محنت ۽ لگن ذريعي خوابن جي تعبير جو ثبوت آهي، اسان جو فرض آهي ته قوم جي ترقي، خوشحالي ۽ اتحاد جي لاءِ محنت ڪريون.