سپريم ڪورٽ جي سينئر ترين جج جسٽس منصور علي شاهه بطور انتظامي جج سپريم ڪورٽ ذميواريون ادا ڪرڻ کان معذرت ڪري ورتي آهي. ذريعن موجب اڳوڻي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جسٽس منصور علي شاهه کي ايڊمنسٽريٽو جج سپريم ڪورٽ مقرر ڪيو هو. ذريعن ٻڌايو آهي ته هن سپريم ڪورٽ جي انتظامي جج جي حيثيت سان ذميواري ادا ڪرڻ کان معذرت ڪري ورتي آهي ۽ اماڻيل انتظامي فائلن تي صحيح ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. 26هين آئيني ترميم کان پوءِ چيف جسٽس ۽ سپريم ڪورٽ جي ججز جي مقرري جي طريقيڪار ۾ تبديلي کان پوءِ پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو پارلياماني ڪميٽي چيف جسٽس جي لاءِ جسٽس يحيٰ آفريدي کي چونڊ ڪيو هو ۽ سينئر ترين جج جسٽس منصور علي شاهه چيف جسٽس نه بڻجي سگهيو هو. گذريل ڏينهن جسٽس منصور علي شاهه سيڪريٽري جوڊيشل ڪميشن کي خط لکي رولز ۾ آئيني بينچ لاءِ ججز جي مقرري جو ميڪنزم طئي ڪرڻ تي زور ڏنو هو.