) مسلم ليگ(ن) جي سينئر اڳواڻ راڻا ثناءُالله چيو آهي ته رياستي مفادن تي سمورين ڌرين ۾ اتفاق راءِ هجڻ ضروري آهي.پنهنجي هڪ بيان ۾ مسلم ليگ(ن) جي سينئر اڳواڻ راڻا ثناءُالله چيو آهي ته انصاف صرف هجڻ تائين نه هجي پر ٿيندي به نظر اچڻ گهرجي، اهڙي طرح پوليٽيڪل ڊيمو ڪريٽڪ سسٽم ملڪ ۾ صرف هجڻ نه گهرجي پر ٿيندي به نظر اچڻ گهرجي.هن چيو ته نه ئي اسان کي اپوزيشن جي 100 سيڪڙو ڳالهه مڃڻي آهي نه ئي انهن کي قبول ڪرڻي آهي، اپوزيشن پنهنجو ۽ اسان پنهنجو موقف ڏينداسين، اختلاف ٿيندا آهن پر رياستي مفادن تي اتفاق راءِ هجڻ ضروري آهي.(ن) ليگ جي اڳوان چيو آهي ته ڳالهين ذريعي ئي اهڙن معاملن کي اتي پهچائي سگهجي ٿو جنهن ۾ ٻنهي ڌرين لاءِ آساني هجي، جيڪڏهن هو پي ٽي آءِ باني جي آزادي جون ڳالهيون ڪن ٿا ته ڇا اهي ڳالهيون وزيراعظم سان ٿي سگهن ٿيون؟ جڏهن پي ٽي آءِ وارا بليڪ اينڊ وائٽ ايندا ته اسان به لکي ڇڏينداسين، جڏهن پي ٽي آءِ جا مطالبا سامهون ايندا ته ڳالهيون مڪمل ٿيڻ جي وقت جو اندازو ٿيندو.مدرسن جي رجسٽريشن بابت ڳالهيون ڪندي راڻا ثناءُالله چيو آهي ته انهي معاملي کي حل ڪرڻ جي ڪوشش جاري آهي، قانوني ٽيم مدرسن جي رجسٽريشن واري بل جي معاملي تي غور ڪري رهي آهي، مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته جيڪي مدرسا تعليم واري وزارت سان گڏ هجڻ چاهين ٿا اسان کي انهن تي ڪنهن به قسم جو اعتراض نه آهي.