لاهور: ڪراچي روشنين جو شهر هو، سمورا بدمعاش گڏ ڪري ايم ڪيو ايم ٺاهي وئي، فواد چوڌري

لاهور: پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فواد چوڌري چيو آهي ته ڪراچي روشنين جو شهر هو، اسٽيبلشمينٽ کي پوءِ خيال آيو ته اسان جي پارٽي هجڻ گهرجي، جنهن کان پوءِ هنن سمورا بدمعاش گڏ ڪري ايم ڪيو ايم جي پارٽي ٺاهي پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته ڪراچي روشنين جو شهر هو، ڪافي وقت کان پوءِ اسٽيبلشمينٽ کي خيال آيو ته اسان جي پارٽي هجڻ گهرجي. سمورا بدمعاش گڏ ڪري ايم ڪيو ايم ٺاهي وئي.
فواد چوڌري وڌيڪ چيو ته ڪراچي ۾ ڪيتري وقت کان رت جي راند کيڏي وئي. وڏين مشڪلن کان پوءِ هاڻ جان ڇُٽي آهي، هنن کي هاڻ ٻيهر خيال اچي رهيو آهي ته تحريڪ انصاف کي روڪڻو آهي، پوءِ خيال ايندو ته بارود جو ڍير گڏ ڪري شهر ۾ چراغان جي ڪوشش ڪئي وڃي هن وڌيڪ چيو ته اليڪشن ڪميشن عملي طور تي وفاقي حڪومت ۾ ضم ٿي چڪو آهي. پاڪستان ۾ هڪ پلاننگ تحت جمهوريت کي مڪمل طور تي ختم ڪيو پيو وڃي. پهريان بنيادي حق معطل ڪيا ويا، هاڻ ادارا ختم ڪيا پيا وڃن اليڪشن ڪمشنر ۽ ان جا ساٿي پاڪستان جي عوام جا ولين آهن

پنھنجي راءِ لکو