شهدادڪوٽ ڀرسان ڦر دوران مزاحمت تي هٿياربندن گوليون هڻي ڊاڪٽر کي قتل ڪري ڇڏيو

شهدادڪوٽ ڀرسان سنجر ڀٽي ٿاڻي جي حد ۾ نامعلوم هٿياربندن پاران نجي ڪلينڪ هلائيندڙ ڊاڪٽر کان موٽرسائيڪل موبائل فون ۽ روڪ رقم ڦر دوران مزاحمت تي هٿياربندن گوليون هڻي نوجوان ڊاڪٽر کي قتل ڪري ڇڏيو. رپورٽ موجب سنجر ڀٽي ٿاڻي جي حد ۾ نامعلوم هٿياربندن نجي ڪلينڪ هلائيندڙ ڊاڪٽر کان موٽر سائيڪل ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن دوران مزاحمت ڪرڻ تي هٿياربندن پاران گوليون هڻي نوجوان ڊاڪٽر ذوالفقار علي بروهي کي قتل ڪري فرار ٿي ويا. اهڙي واقعي کان پوءِ علائقي ۾ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو آهي. قتل ٿي ويل ڊاڪٽر ذوالفقار علي بروهي جو مڙهه تعلقه اسپتال پهچايو ويو اطلاع ملڻ تي قتل ٿي ويل ڊاڪٽر جي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو آهي.