صوبائي راڄڌاني لاهور سميت پنجاب جي مختلف ضلعن ۾ هلڪي برسات جو سلسلو جاري آهي جنهن سبب خشڪي ۾ گهٽتائي سبب موسم خوشگوار ٿي ويو آهي. موسميات کاتي موجب لاهور ۾ اڄ سڄو ڏينهن وقفي وقفي سان هلڪي برسات جو سلسلو جاري رهندو، هلڪي برسات جو اهو سلسلو رت دير تائين هلندو رهندو. موسميات کاتي ٻڌايو آهي ته برسات جو سلسلو اڄ رات دير سان ختم ٿي ويندو پر ڪوهيڙو وڌي ويندو، سڀاڻي صبح ۽ رات جي وقت ۾ ڪوهيڙو رهندو. ٻئي طرف لاهور ۾ هلڪي برسات سان گڏ ئي واسا اختياريون به حرڪت ۾ اچي ويون آهن. وائس چيئرمين واسا چوڌري شهباز احمد ۽ ايم ڊي غفران احمد طرفان سمورن ڊسپوزل اسٽيشنز جي صفائي يقيني بنائڻ جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن. ايم ڊي واسا روڊن ۽ انڊر پاسز کي ڪليئر رکڻ جي لاءِ فيلڊ ٽيمن کي متحرڪ رهڻ جون هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن. ڪيترن ئي علائقن ۾ انتظاميه طرفان روڊن تان بيٺل پاڻي ڪڍڻ لاءِ مشينريون پڻ لڳايون ويون آهن.