وزيراعظم شهباز شريف گهريلو صارفين کي گيس جي فراهمي يقيني بنائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

وزيراعظم شهباز شريف سياري جي موسم ۾ گهريلو صارفين کي گيس جي فراهمي يقيني بنائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ ملڪ ۾ گيس سپلاءِ جي حوالي سان جائزه اجلاس ٿيو جنهن ۾ وفاقي اقتصادي معاملن واري وزير احمد خان چيمه، وفاقي وزير پيٽروليم ڊاڪٽر مصدصق ملڪ ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسر شريڪ ٿيا. اجلاس دوران وزيراعظم کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته سسٽم ۾ سرپلس آر ايل اين جي موجود آهي جنهن جي ڪري گيس لوڊ مينجمينٽ ۾ گذريل سال جي نسبت بهتري آئي آهي. گذريل سال جي نسبت هن سال گيس لوڊشيڊنگ جو ٽائيم گهٽ آهي. گهريلو صارفين کي صبح 5 وڳي کان رات 10وڳي تائين گيس جي فراهمي جاري آهي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته پاور سيڪٽر کي به گيس گهرج موجب ڏني پئي وڃي، صارفين جي شڪايتن جي حوالي سان ايس اين جي پي ايل ۽ ايس ايس جي سي جا آن لائين ڊيش بورڊز ڪم ڪري رهيا آهن، ايس اين جي پي ايل جي شڪايت کي حل ڪرڻ جي شرح 93 سيڪڙو جڏهن ته ايس ايس جي سي جي شرح 79 سيڪڙو آهي، ملڪ جا سمورا گيس فيلڊز فعال آهن. اجلاس ۾ وزيراعظم گهريلو صارفين کي گيس سپلائي ۾ گهٽتائي جي شڪايت جو نوٽيس وٺندي هدايت ڪئي ته سياري جي موسم ۾ گهريلو صارفين کي گيس جي بنا رنڊڪ فراهمي فوري طور تي يقيني بنائي وڃي. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته سسٽم جي ساخت ۾ اصلاحات آندي وڃي ته جيئن انهي مسئلي کي مستقل طور تي حل ڪري سگهجي، گهريلو صارفين کي گيس جي فراهمي حڪومت جي اولين ترجيح آهي.